You are on page 1of 7

‫تاريخ‪:‬‬ ‫حوالہ نمبر‪:‬‬ ‫صدر‬

‫منصور علي ڀٽي‬

‫عورت‪ :‬شخصي ۽ سماجي‬ ‫نائب صدر‬


‫اصغر علي سومرو‬

‫آزادي جو سوال‬ ‫جنرل سي ڪريٽري‬


‫آدرش‬

‫جوائنٽ‬
‫ڪو ڏينهن خالي نععه ٿععو هجععي‪ ،‬جڏهععن سععنڌ ۾ عععورتن‬ ‫سي ڪريٽري‬
‫احسان علي‬
‫مٿان تشدد ڀريا واقعا اخبارن ۾ رپورٽ نه ٿيندا هجن‪.‬‬ ‫خاصخيلي‬
‫سنڌي سماج جي ڪجهه حصن ڄڻ عورت مٿان جنگ‬
‫پريس سي ڪريٽري‬
‫مڙهي ڇڏي آهي‪ .‬ڄڻ عورتن کي مارڻ جي ڪا مهععم‬ ‫شبير آزاد‬
‫آهي‪ ،‬جيڪا هلندي رهي ٿي‪ .‬ڪارو ڪاري کععان وٺععي‬ ‫عبدالرشيد ڀٽي‬
‫بععي رحععم ۽ سععفاڪ رويععا‪ ،‬تشععدد‪ ،‬قتععل ۽ ٻيععا لفععظ‬ ‫فنانس‬
‫ڳڳڳولجن‪ ،‬جععو عععورتن مٿععان ٿينععدڙ هععن عععذاب جععي‬ ‫سي ڪريٽري‬
‫صحيح عڪاسي ٿي سععگهي‪ .‬گععذريل ‪ 20‬سععالن کععان‬ ‫علي ڀٽو‬

‫اڃا اهععا خععبر نعه پڙهععي آهععي تعه ڪنهععن عععورت کععي‬
‫ڪاري ڪري ماريندڙ قاتلن کي ڦاسيَء جي سزا آئي‬
‫هجي‪ .‬قانون جي حڪمراني هعڪ تصععور آهععي‪ ،‬شععايد‬
‫اهو اسان اولهه کان امپورٽ ڪيو آهععي‪ ،‬تنهععن جععون‬
‫جڙون هن سماج ۾ نععه ٿيععون کپععن‪ .‬اسععان جععا پنهنجععا‬
‫اخلقي قدر ۽ سعماجي اصعول آهععن‪ ،‬جععن جععو شعايد‬
‫جديد دور جي برابري وارن اصولن سان ڪو ڳانڍاپو‬
‫جڙي نه سگهيو آهي‪.‬‬

‫چند ڏينهن ٿيندا هڪ پڙهيل آفيسععر سععان گڏجععي سععنڌ‬


‫جععي پيعڙائن جععي ”شععام غريبععان“ پئي پڙهععي سععين‪.‬‬
‫ڪچهريَء ۾ هن هڪڙو ڏک ونڊيو‪ ،‬چيائين ته‪” ،‬پريمععي‬
‫جوڙن جي لڙي تي لکو‪ ،‬سپريم ڪورٽ کععي عععرض‬
‫ڪريو ته انهن تععي پابنععدي وجهععي‪ .‬ڇععوڪري والععدين‬
‫جي مرضي کانسواِء شادي ڪيئن ٿي ڪري سگهي؟‬
‫مر ڪزي آفيس‪ ،C-53 :‬سچل ڳوٺ نزد پي سي ايس آئي آر ليبارٽريز سپار ڪو رو ڊ ڪراچي‪ ،‬فون نمبر‪2549188-0343 / 4690469-0332 :‬‬
‫اي ميل‪ ، sindhyouthforum@hotmail.com :‬ويب ائڊريس‪www.sindhyouthforum.webs.com :‬‬
‫عدالتون ڇوڪريَء جي عمر جي جاچ پڙتال نه ٿيععون‬
‫ڪرائيععن‪ 18 .‬سععالن کععان ننڍي عمععر جععون معصععوم‬ ‫صدر‬
‫ڇوڪريون ڇورن جي ”محبتي ڳالهين“ ۾ اچععي گهععر‬ ‫منصور علي ڀٽي‬
‫ڇڏيو والدين کي ڏٺو ٿيو ڪن“‪ .‬محترم دوسععت جععون‬ ‫نائب صدر‬
‫ڳالهيون ٻڌي مون چيو‪” ،‬سائين اهععو ڪيئن ٿععو لکععي‬ ‫اصغر علي سومرو‬
‫سگهجي؟ انساني حق ۽ ملڪ جو آئين هععر بععالغ مععرد‬ ‫جنرل سي ڪريٽري‬
‫توڙي عورت کي پسند جي شاديَء جععي اجععازت ڏئي‬ ‫آدرش‬
‫ٿععو‪ ،‬اسععين ڇععو ڇععوڪريءَ کععي صععرف ڀي عڻ‪ ،‬نيععاڻي‬ ‫جوائنٽ‬
‫نماڻي‪ ،‬عزت ۽ ماُء سمجهون‪ ،‬اهي سڀ اسان جععي‬ ‫سي ڪريٽري‬
‫احسان علي‬
‫محبت جا اظهار آهن ۽ ٺيڪ آهن‪ ،‬پر هععوَء انسععان بععه‬ ‫خاصخيلي‬
‫آهي‪ .‬ملڪ جي شهري به آهي‪ ،‬شهريَء جععي حيععثيت‬
‫پريس سي ڪريٽري‬
‫سان آئين کيس برابري جا حععق ڏئي ٿععو‪ ،‬ان برابععري‬ ‫شبير آزاد‬
‫جي حق کي ڪيئن ٿو محدود ڪري سگهجي؟ وليَء‬ ‫عبدالرشيد ڀٽي‬
‫)وارث( جي اجازت‪ ،‬والدين جي اجععازت‪Consent ،‬‬ ‫فنانس‬
‫‪ marriage‬صرف عورت جي ڇو‪ ،‬مرد جي ڇو نه؟‬ ‫سي ڪريٽري‬
‫علي ڀٽو‬
‫اهو تفاوت ۽ فرق صرف عورت سان ڇععو؟ ۽ ان جععو‬
‫جواز ڪهڙو آهي؟ ڇا مرد عورت کان وڌيڪ ذميععوار ۽‬
‫هوشيار آهي؟ اهو ڪير ثععابت ڪنععدو ۽ ڪيئن؟ عععزت‬
‫مرد جي‪ ،‬پر رهي عورت ۾ ٿي‪ ،‬مرد جي عععزت پععاڻ ۾‬
‫ڇو نه ٿي رهي؟‬

‫جديد دور جا آئيععن‪ ،‬انسععاني حقععن جععا چععارٽر ۽ خععود‬


‫مذهب جڏهن عورت کي برابري جا حععق ڏئي ٿععو‪ ،‬تععه‬
‫پوِء ان حق جو اطلق سندس شععاديَء جععي مسععئلي‬
‫کععان ڪيئن ٿععو ال عڳ ڪري سععگهجي؟ عععورت کععي‬
‫پنهنجي پاڻ لِء فيصل ڪرڻ جي ڪنهععن بععه حععق کععان‬
‫محروم ڪرڻ درحقيقيت سععماج ۾ ان جععي ڪمععزور ۽‬
‫محتاج پوزيشن جو فائدو وٺعڻ آهععي‪ .‬استحصععال جعي‬
‫اها به هڪ بدترين ش عڪل آهععي‪ .‬سععماج جععي مڙهيععل‬
‫حلقن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي تععه عععورتن جععا‬
‫مر ڪزي آفيس‪ ،C-53 :‬سچل ڳوٺ نزد پي سي ايس آئي آر ليبارٽريز سپار ڪو رو ڊ ڪراچي‪ ،‬فون نمبر‪2549188-0343 / 4690469-0332 :‬‬
‫اي ميل‪ ، sindhyouthforum@hotmail.com :‬ويب ائڊريس‪www.sindhyouthforum.webs.com :‬‬
‫برابريَء جا حق جيڪڏهن اڄ رضاڪارانه طور نععه ڏنععا‬
‫ته سعڀاڻي‪ ،‬اينعدڙ وقععت ۾ پڙهيعل ۽ سعجاڳ عورتععون‬ ‫صدر‬
‫وڙهي به اهي حق حاصل ڪنديون‪ .‬اسعان ا ڪثر ڏٺععو‬ ‫منصور علي ڀٽي‬
‫آهي ته ٻهراڙين ۾ توڙي شهرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم‬ ‫نائب صدر‬
‫اڪثر ڪري سندن مائرن جععي ترجيععح هونععدي آهععي‪.‬‬ ‫اصغر علي سومرو‬
‫سياسي تحريڪ سان واڳيل هعڪ پععورهيت اڻ پڙهيععل‬ ‫جنرل سي ڪريٽري‬
‫عورت پنهنجي هاِء اسڪول ويندڙ ڌيَء ڏانهععن اشععارو‬ ‫آدرش‬
‫ڪندي ٻڌايو ته‪” ،‬مائٽن پنجيععن درجععي کععان پععوِء هععن‬ ‫جوائنٽ‬
‫جي شادي ڪرائڻ ٿي چاهي‪ ،‬پر مون ائين ٿيڻ نه ڏنو‪،‬‬ ‫سي ڪريٽري‬
‫احسان علي‬
‫۽ اڄ هيَء هاِء اسڪول وڃي ٿي“‪ .‬هن عورت جڏهععن‬ ‫خاصخيلي‬
‫اهو ٻڌايو پئي ته ان جي اکين ۾ ه عڪ عجيععب روشععني‬
‫پريس سي ڪريٽري‬
‫هئي‪ ،‬بهادري هئي‪ ،‬۽ اعتماد هو‪.‬‬ ‫شبير آزاد‬
‫عبدالرشيد ڀٽي‬
‫شاهه لطيف جععي شععاعريَء تععي تععاج جععويي ڪجهععه‬ ‫فنانس‬
‫ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ شاهه جععي سععورميَء جععو ذڪڳڳر‬ ‫سي ڪريٽري‬
‫علي ڀٽو‬
‫ڪندي ”مڙس ماڻهو“ ۽ ”مڙسي“ جا لفظ اسععتعمال‬
‫ڪيا ته حاضرين ۾ ويٺل هڪ ايڪٽوسٽ عععورت کيععس‬
‫صلح ڏني ته سورمي جي ڪردار کي بيععان ڪرڻ لءِ‬
‫بهععادري ۽ جععرئت جهععڙا لفععظ ڪافي آهععن‪ .‬پععوِء‬
‫”مڙسععي“ اسععتعمال ڪرڻ بنععد ڪريععو‪ .‬تععاج جععويي‬
‫مسڪرائيندي ان سععان اتفععاق ڪيععو‪ .‬ان قسععم جععون‬
‫نشاندهيون ڪرڻ ضروري آهن‪.‬‬
‫پريمي جوڙا سععماجي دٻععاُء‪ ،‬سوشععل سيپريشععن جععو‬
‫نتيجو آهععن‪ Gender segregation .‬۽ مععردن جععي‬
‫ه عڪ هٽععي هيععٺ هلنععدڙ سععماج ۾ مععاڻهو بغععاوت تععي‬
‫مجبور ٿين ٿا‪ .‬شخصي آزاديون هجععن‪ ،‬تعليععم هجععي‪،‬‬
‫روزگار هجي‪ ،‬سماجي ۽ ثقععافتي سععرگرميون هجععن‪،‬‬
‫لئبريريون هجن‪ ،‬شعور ۽ سمجهه سان نوجوانن جععا‬
‫دماغ روشععن هجععن تععه پريمععي جععوڙا پيععدا نععه ٿينععدا‪.‬‬
‫هڪڙو بند سماج‪ ،‬گهععٽ ۽ ٻوسععٽ‪ ،‬نععه ترقععي ۽ بهععتر‬
‫مر ڪزي آفيس‪ ،C-53 :‬سچل ڳوٺ نزد پي سي ايس آئي آر ليبارٽريز سپار ڪو رو ڊ ڪراچي‪ ،‬فون نمبر‪2549188-0343 / 4690469-0332 :‬‬
‫اي ميل‪ ، sindhyouthforum@hotmail.com :‬ويب ائڊريس‪www.sindhyouthforum.webs.com :‬‬
‫زندگيَء جا موقعا‪ ،‬پوِء نوجوان بغير سوچڻ جي‪ ،‬انڌ ۾‬
‫اڻ ڏٺي منزل جعو رخ ڪن ٿعا‪ ،‬جي ڪو رسععتو خطعري‬ ‫صدر‬
‫کان خالي نه آهي‪ .‬ڪيترا ويچارا مارجي وڃن ٿا‪ .‬رت‬ ‫منصور علي ڀٽي‬
‫جي اڃايل لکين بگهڙن وانگي‪ ،‬ڪجهععه سععفاڪ مععرد‬ ‫نائب صدر‬
‫انهن بععي سععمجهه معصععومن جععو پيڇععو ڪنععدي کيععن‬ ‫اصغر علي سومرو‬
‫مارين ٿا‪ .‬ڪا ڇععوڪري گهععران ن ڪرڻ بعععد جيڪڏهععن‬ ‫جنرل سي ڪريٽري‬
‫مايوس ٿي واپس موٽي ٿعي تععه ان جععو مقععدر مععوت‬ ‫آدرش‬
‫هجي ٿو‪ ،‬ڄڻ عورت کي فقط هڪ غلطي ڪرڻ جو به‬ ‫جوائنٽ‬
‫حق نه آهي‪ ،‬مرد ڇا به ڪري‪ ،‬ان لِء چيو وينععدو تععه‪،‬‬ ‫سي ڪريٽري‬
‫احسان علي‬
‫”نڀععاڳو ڌڪ کععائي سععمجهندو“‪ .‬سععوچجي‪ ،‬پععاڻ کععان‬ ‫خاصخيلي‬
‫سععوال پڇجععي تععه اسععين ايععترا عععورت دشععمن ڇععو‬
‫پريس سي ڪريٽري‬
‫آهيون؟ ٻڪري‪ ،‬زمين‪ ،‬گهر ۽ ٻين شععين جيععان اسععان‬ ‫شبير آزاد‬
‫عورت کي پنهنجي ملڪيت ڇو ٿا سععمجهون؟ اسععين‬ ‫عبدالرشيد ڀٽي‬
‫کيععس انسععان‪ ،‬برابري عَء جععا حععق رکنععدڙ ڇععو نععه ٿععا‬ ‫فنانس‬
‫سمجهون؟ ٻهراڙين کععي تععه ڇڏيععو‪ ،‬نععام نهععاد قبععائلي‬ ‫سي ڪريٽري‬
‫علي ڀٽو‬
‫قلعععن کععي بععه ڇڏيععو‪ ،‬پععر وڏن اهععم شععهرن جهعڙوڪ‪،‬‬
‫ل ڙڪاڻو‪ ،‬سععکر‪ ،‬دادو‪ ،‬ميرپععور خععاص‪ ،‬نوابشععاهه‪،‬‬
‫سععانگهڙ ۽ نوشععهرو فيععروز ۾ عععورتن جععي سععماجي‪،‬‬
‫ثقافتي‪ ،‬فني رانععدين ۽ ٻععي ڪنهععن بععه سععرگرمي لءِ‬
‫ڪهڙيععون سععهولتون‪ ،‬ادارا ۽ ذريعععا موجععود آهععن؟‬
‫شاهپور چاڪر جي گرلز هاِء اسڪول ۾ ٻععه کععان چععار‬
‫اي ڪڙ جععو خعالي پلٽ آهععي‪ ،‬ان ۾ سععٺو پععارڪ بععه نععه‬
‫هوندو‪ ،‬وڻ‪ ،‬گل ۽ ٻوٽععا بععه نععه هونععدا‪ ،‬اه عڙا ڪيععترائي‬
‫شهر‪ ،‬اسڪول ۽ ڪاليج صعرف اٺعن پيعرڊن جعا گهنعڊ‬
‫وڄائين ٿا‪ ،‬وڌيڪ ذهني پرورش ڪرڻ هنن جو ڪم نععه‬
‫آهي‪ .‬هي اڄوڪي صورتحال ‪2020‬ع ۽ ‪2030‬ع ۾ بععه‬
‫ساڳي هوندي‪ ،‬ڇو ته اسععان وٽ مسععتقبل جععو ڪو‬
‫تصور نه آهي‪ .‬سنڌ جي اڌ آبادي ععورت ه ڪڙو اهعڙو‬
‫بنا معاوضي وارو مزدور آهي‪ ،‬جنهن جو ڪم صععرف‬
‫ماني پچائڻ‪ ،‬ڀائرن‪ ،‬پيعُء معڙس ۽ مععائٽ مععردن جععي‬
‫مر ڪزي آفيس‪ ،C-53 :‬سچل ڳوٺ نزد پي سي ايس آئي آر ليبارٽريز سپار ڪو رو ڊ ڪراچي‪ ،‬فون نمبر‪2549188-0343 / 4690469-0332 :‬‬
‫اي ميل‪ ، sindhyouthforum@hotmail.com :‬ويب ائڊريس‪www.sindhyouthforum.webs.com :‬‬
‫”خدمت“ ڪرڻ آهععي‪ .‬ڪيععترن گهععرن ۾ تععه هعڏ حععرام‬
‫مردن کان پاڻيَء جو گلس بععه ڀريععو نٿععو ٿئي‪ ،‬ڪپعڙا‬ ‫صدر‬
‫استري ڪرڻ ته پري جععي ڳالهه آهععي‪ .‬هععي عععورت‬ ‫منصور علي ڀٽي‬
‫جي غلمي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟‬ ‫نائب صدر‬
‫اصغر علي سومرو‬
‫هڪڙيون عورتون‪ ،‬مڊل ڪلس جون بيگمات‪ ،‬ٻاهرين‬ ‫جنرل سي ڪريٽري‬
‫ملڪن جي هڪ ٽي وي چينل جععي ڇسععن ڊرامععن تععي‬ ‫آدرش‬
‫صبح ۽ شام ڪريون پيون آهن‪ ،‬سععندن ونععدر شععاپنگ‬ ‫جوائنٽ‬
‫آهي‪ .‬ڪرپٽ بيوروڪريٽ جي گهرن‪ ،‬۽ جن جععون ٻععه‬ ‫سي ڪريٽري‬
‫احسان علي‬
‫ٻه‪ ،‬ٽي ٽي ۽ چار چار شاديون‪ ،‬پئسو جام‪ ،‬پععوِء سععڄو‬ ‫خاصخيلي‬
‫زور ڪپڙن ۽ هار سينگار تي آهي‪ ،‬انهععن مععان ڪافي‬
‫پريس سي ڪريٽري‬
‫تععه گهععر ۾ پنهنجععي حصععي جععو ڪم بععه نععه ڪن‪.‬‬ ‫شبير آزاد‬
‫سرائيڪي بيلٽ جون ”ماسيون“ سععندن پععاران ڪم‬ ‫عبدالرشيد ڀٽي‬
‫ڪن‪ .‬شهنشاهت واري زماني ۾ جيئن مراعععات يععافته‬ ‫فنانس‬
‫طبقي جون بيگمععات پععاڻ کععي ر ڳو ٺععاهي رکنععديون‬ ‫سي ڪريٽري‬
‫علي ڀٽو‬
‫هيععون‪ ،‬سععلڪ جععا ڪپ عڙا ۽ قيمععتي ڳهععه‪ ،‬پععوِء جڏهععن‬
‫ڪاڄن ۾ وينديون هيون ته مرد جي دولععت ۽ طععاقت‬
‫جو مظهر هونديون هيون‪ .‬تڏهن عيب سمجهيو ويندو‬
‫هو‪ ،‬جيڪڏهن عورت ڪم ڪري‪ ،‬اهععو ‪Noble class‬‬
‫جو شان هوندو هو ته‪” ،‬عورت بي ڪار“ ويٺعي هجعي‪.‬‬
‫عورت جو سماجي ترقي ۽ سرگرمي لِء ڪو ڪردار‬
‫نه بچيو هو‪ ،‬ڇا اسان جو امير طبقو‪ ،‬راشي آفيسععر‪،‬‬
‫ان ماضيَء ڏانهن وڃڻ لِء جتن پيو ڪري؟‬

‫اسان انساني حقن جي عععالمي پڌرنععامي تععي اتفععاق‬


‫ڪيو‪ ،‬ملڪ ۾ آئين به آندو‪ ،‬پر لڳي ائين ٿععو تععه اسععان‬
‫جا سماجي قدر‪ ،‬ريتون رسمون‪ ،‬عقيدا ۽ حساسععيت‬
‫انهيعَء قععانون سععان ٽ ڪراُء ۾ آهععي‪ ،‬جديععديت ڏانهععن‬
‫‪ Transition‬کععان اسععان جععواب ڏئي ڇڏيععو آهععي ۽‬
‫اسان مان ڪيععترائي اهعڙا آهععن‪ ،‬جععن جععو ڪتععاب بععه‬
‫مر ڪزي آفيس‪ ،C-53 :‬سچل ڳوٺ نزد پي سي ايس آئي آر ليبارٽريز سپار ڪو رو ڊ ڪراچي‪ ،‬فون نمبر‪2549188-0343 / 4690469-0332 :‬‬
‫اي ميل‪ ، sindhyouthforum@hotmail.com :‬ويب ائڊريس‪www.sindhyouthforum.webs.com :‬‬
‫ڪجهه بگاڙي نه سگهيا آهن‪ ،‬ڇو ته عورت اڄ به قيد‬
‫۾ آهي‪ ،‬اهي زنجير ڪٿي ظاهر آهن‪ ،‬تععه ڪٿععي لڪ ڳل‪.‬‬ ‫صدر‬
‫اڄ دنيا ۾ جيڪي بععه قومععون ترقي عَء جععي منععزل تععي‬ ‫منصور علي ڀٽي‬
‫آهن‪ ،‬سندن ان سفر ۾ عورتععون شععامل آهععن‪ .‬چيععن‪،‬‬ ‫نائب صدر‬
‫جاپان‪ ،‬انڊونيشيا‪ ،‬ڪوريععا‪ ،‬ملئيشععيا‪ ،‬اهععي تععه ڪجهععه‬ ‫اصغر علي سومرو‬
‫تععازا مثععال آهععن‪ ،‬جععتي سععماجي قععدامت پسععندي‬ ‫جنرل سي ڪريٽري‬
‫‪ Social conservatism‬موجود نه آهي‪ .‬ڪو ملعڪ‬ ‫آدرش‬
‫اهععڙو نععه آهععي‪ ،‬جي ڪو عععورت جععي ‪Productive‬‬ ‫جوائنٽ‬
‫ڪڳڳردار‪ ،‬معاشععي تععوڙي سععماجي ڪڳڳردار جععي بغيععر‬ ‫سي ڪريٽري‬
‫احسان علي‬
‫ترقي ڪري سگهي‪ .‬تعليععم ۽ سياسععت ٻعه اهعڙا اهععم‬ ‫خاصخيلي‬
‫مورچا ۽ ذريعا آهن‪ ،‬جن ذريعي عورت جي قيد مععان‬
‫پريس سي ڪريٽري‬
‫آزادي ممڪن آهي‪ .‬سنڌي عورتون بظاهر سياسععت ۾‬ ‫شبير آزاد‬
‫اڳڀريون رهيون آهن‪ ،‬پر انهن منجهان ڪا قيادت نععه‬ ‫عبدالرشيد ڀٽي‬
‫اڀععري سععگهي آهععي‪ .‬سياسععي پنڊال جععون خععالي‬ ‫فنانس‬
‫ڪرسيون ڀععرڻ لِء هنععن کععي آنععدو ويععو‪ ،‬پععر سياسععي‬ ‫سي ڪريٽري‬
‫علي ڀٽو‬
‫تعليم ذريعي انهن مان ڪا چڱي کيپ ليک ڪن جععي‪،‬‬
‫اڳواڻن جي ۽ ماهرن جي پيدا ٿي نععه سععگهي‪ ،‬اهععي‬
‫سڀ بي نام ‪ Faceless‬۽ ‪ Social visibility‬کععان‬
‫خالي صرف ووٽر آهن‪.‬‬

‫سنڌ جععي عععورت کععي انهععن منجهععان ئي قيععادت ٿععي‬


‫گهرجي‪ .‬ڪي عورت ڊاڪٽععرن جععون تنظيمععون‪ ،‬ڪي‬
‫عععورت وڪيلععن جععا ادارا‪ ،‬ڪي عععورت اسععتادن جععا‬
‫فلحي خانگي ادارا‪ ،‬عععورتن لِء ڪي پنععاهه گععاهون‪،‬‬
‫ڪڳڳي اهڙيععون صععنعتون‪ ،‬جيڪڳڳي مڪمععل طععور تععي‬
‫عععورتن کععي ملزمععت ڏيععن‪ ،‬ه ڪڙي ”جارحععانه“‬
‫‪ Aggressive‬منصوبا بندي ٿي گهرجي‪ ،‬عورت جععي‬
‫آزاديَء واسطي‪ ،‬هڪڙي تحريڪ ٿي گهرجي‪ ،‬پععر اهععو‬
‫سڀ ڪجهه وڏيرن ۽ وڏيريععاڻين واري ڀوتععار ڪلچععر ۾‬
‫ٿيندي ممڪن نظر نه ٿو اچي‪ .‬پيععش قععدمي وري بععه‬
‫مر ڪزي آفيس‪ ،C-53 :‬سچل ڳوٺ نزد پي سي ايس آئي آر ليبارٽريز سپار ڪو رو ڊ ڪراچي‪ ،‬فون نمبر‪2549188-0343 / 4690469-0332 :‬‬
‫اي ميل‪ ، sindhyouthforum@hotmail.com :‬ويب ائڊريس‪www.sindhyouthforum.webs.com :‬‬
‫مڊل ڪلس جععي عععورتن کععي ڪر ڻي پونععدي‪ ،‬اهععو‬
‫انتظار فضول آهي تععه ذهنععي طععور جڏهععن مععرد آزاد‬ ‫صدر‬
‫ٿيندو‪ ،‬پوِء عورت کي آزاد ڪندو‪ .‬اهععا ويڙهععه عععورت‬ ‫منصور علي ڀٽي‬
‫کي وڙهي مرد کي اتساهه ۽ همت ڏي ڻي پونععدي تععه‬ ‫نائب صدر‬
‫سندس عزت عورت جي آزادي ۾ آهي‪ ،‬غلميَء ۾ نه!‬ ‫اصغر علي سومرو‬

‫جنرل سي ڪريٽري‬
‫آدرش‬

‫جوائنٽ‬
‫مشتاق راڄپ‬ ‫سي ڪريٽري‬
‫احسان علي‬
‫خاصخيلي‬

‫پريس سي ڪريٽري‬
‫شبير آزاد‬
‫عبدالرشيد ڀٽي‬

‫فنانس‬
‫سي ڪريٽري‬
‫علي ڀٽو‬

‫مر ڪزي آفيس‪ ،C-53 :‬سچل ڳوٺ نزد پي سي ايس آئي آر ليبارٽريز سپار ڪو رو ڊ ڪراچي‪ ،‬فون نمبر‪2549188-0343 / 4690469-0332 :‬‬
‫اي ميل‪ ، sindhyouthforum@hotmail.com :‬ويب ائڊريس‪www.sindhyouthforum.webs.com :‬‬

You might also like